مچ جيل تي پابندي مڙهيل بي ايل اي جو حملو ناڪام، جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي بولان ۾ سيڪيورٽي فورسز مچ جيل تي پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب حملي آورن جيل جي مرڪزي دروازي ۽ بائونڊري وال تي راڪيٽ وسايا، حملي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا

ذريعن ٻڌايو آهي ته اسان کي دهشتگردن جي حملي جي اطلاع اڳ ئي ملي وئي هئي، جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي لاءِ منصوبه بندي ڪري رکي هئي.

ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز طرفان موثر جواب ڏيڻ جي نتيجي ۾ دهشتگرد وائڙا ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي خلاف سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. پوليس ذريعن موجب حملي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ياد رهي ته گذريل رات دير سان مچ جيل تي راڪٽ حملن جون خبرون سامهون آيون هيون جنهن کان پوءِ مچ سميت ڪوئٽه جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي. سپرنٽينڊنٽ سليم ترين موجب مچ ۾ راڪيٽ ڪرڻ سبب جيل کي ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي. عمارت، قيدي ۽ عملو محفوظ آهن جڏهن ته جيل جي چوڌاري فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔