پهرين فيبروري کان پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپين تائين واڌ جو امڪان

اسلام آباد: پهرين فيبروري کان پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپين تائين واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ جو اعلان 31 جنوري 2024 جي رات جو ڪيو ويندو.

آئل انڊسٽري جي ذريعن ٻڌايو آهي ته هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپين تائين واڌ ۽ هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيه 50 پئسا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب 2 هفتن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل 6.50 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔