مسئلو اهو آهي ته ڪير به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عمل ۽ طريقيڪار قانون واضح آهي، ججز جي ڪميٽي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻ تائين عدالت ڪو به حڪم جاري نٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته عمل ۽ طريقيڪار قانون واضح آهي، ججز ڪميٽي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻ تائين عدالت حڪم جاري نٿي ڪري سگهي، مسئلو اهو آهي ته ڪو به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن جي ان لاءِ عدالت آرڊر جاري ڪيو، جاري نه ڪيو ويو، اڳ به عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، هاڻي قانون موجب سسٽم ٺاهيو ويو آهي، ڪميٽي کانسواءِ اڳتي نٿا هلي سگهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي؟ پوءِ به جيڪڏهن عدالت اهڙي حرڪت ڪري ٿي ته صحافي اعتراض ڪندا، ٻڌايو ته ڪيس کي اڳتي ڪيئن وڌائبو.جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن اسان جي سامهون ناهي، نه ئي ڪنهن نوٽيس جي ڪاپي، فهرست آهي يا نه، جن کي نوٽيس مليا اهي جواب جمع ڪرائين ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔