غزه ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري، وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد

غزه: غزه تي اسرائيلي فوج جا وحشیانه حملا جاري آهن، اسرائيلي بمباري سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي جي پناهگيرن جي اسڪول جو گهيرو ڪيو، شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان وٺي فلسطيني شهيدن جو انگ 26 هزار 637 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 65 هزار 387 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تي به بمباري ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت جو خدشو آهي.ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پاران الامل اسپتال جو گهيرو اٺين ڏينهن به جاري آهي، اسپتال جي چوڌاري اسرائيلي فوج ۽ فلسطيني مزاحمتي ويڙهاڪن وچ ۾ سخت ويڙهه ٿي.ٻئي طرف ويسٽ بئنڪ ۾ به اسرائيلي فوج فائرنگ ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سبب وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو.ان کان علاوه، اسرائيل شام ۾ هڪ ايراني حمايت يافته مليشيا بيس تي هوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته حزب الله اتر اسرائيل ۾ اسرائيلي فوجي اڏن کي ٽينڪ مخالف ميزائل سان نشانو بڻايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔