پي ايس ايل ۾ سپليمينٽري ۽ متبادل ڊرافٽ ۾ شامل رانديگرن جو اعلان

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 9 جي ضمني ۽ متبادل ڊرافٽ ۾ چونڊيل رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل 9 لاءِ متبادل ڪيٽيگري ۾ پشاور زلمي وقار سلام خيل ۽ گس ايٽڪنسن کي ورتو آهي جڏهن ته مڪمل طور تي دستياب نه هئڻ واري لنگي اينگدي ۽ نور احمد کي رزرو ۾ رکيو ويو آهي.لاهور قلندرز جزوي طور تي موجود ڊين لارنس ۽ مڪمل طور تي غير حاضر راشد خان جي متبادل کي محفوظ ڪري ورتو آهي.متبادل ڪيٽيگري ۾ ڪراچي ڪنگز زاهد محمود ۽ ٽام سيفرٽ جي جاءِ تي جزوي طور تي موجود ڪيرون پولارڊ کي شامل ڪيو آهي.ان کان علاوه ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سريلنڪا سيريز لاءِ جزوي طور تي موجود وانندو هاسارنگا جي جاءِ تي، بسم الله خان ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽام ڪران جي جاءِ تي هڪ رانديگر رکيو آهي، جيڪو مڪمل طور تي دستياب ناهي.ٻئي طرف سپليمنٽري ڊرافٽ ۾ پشاور زلمي لوڪ ووڊ ۽ سفيان مقيم کي شامل ڪيو، اسلام آباد يونائيٽيڊ عبيد مڪوئي ۽ حيدر علي کي شامل ڪيو، لاهور قلندرز ڀانوڪا راجاپڪسا ۽ طيب عباس کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.ان دوران ملتان سلطانز سپليمنٽري ڊرافٽ ۾ جانسن چارلس ۽ محمد شهزاد کي شامل ڪيو، ڪراچي ڪنگز لوئس ڊي پلائي ۽ محمد روهاد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.ان کان علاوه ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان لاري ايوانز کي سپليمنٽري ڪيٽيگريءَ جي پهرئين رائونڊ ۾ شامل ڪيو ويو جڏهن ته ٻي چونڊ محفوظ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔