اليڪٽرڪ گاڏيون ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگنديون:جپاني ڪمپني جي دعويٰ

ٽوڪيو: جاپان جي هڪ مشهور ڪارساز ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪٽرڪ گاڏيون دنيا ۾ ڪامياب نه ٿي سگهنديون. پرڏيهي ميڊيا موجب جاپان جي هڪ مشهور ڪارساز ڪمپني جي چيئرمين اڪيو ٽريوڊا ڪمپني جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيندڙ تبصرن ۾ چيو ته اليڪٽرڪ گاڏيون ڪڏهن به دنيا جي مارڪيٽ تي حاوي نه ٿي سگهنديون. هن چيو ته بيٽري سان هلندڙ گاڏيون عالمي مارڪيٽ ۾ وڪري جي رڳو 30 سيڪڙو تائين پهچي سگهنديون، جڏهن ته باقي ۾ هائبرڊ، هائڊروجن فيول سيل ۽ ٻارڻ ساڙيندڙ گاڏيون شامل هونديون. ڪمپني اهو به چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين کي اهڙي وقت ۾ ٻين ٽيڪنالاجين کي ڇڏي تيار نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن دنيا ۾ هڪ ارب ماڻهو اڄ به بجلي بنا زندگي گهاري رهيا آهن. اڪيو ٽريوڊا چيو ته بيٽري سان هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏيون مهانگيون آهن ۽ انهن کي چارجنگ انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔