ڪپڙا پاڻ ڊيزائين ۽ سلائي ڪندي آهيان: عاصمه عباس

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا عاصمه عباس انڪشاف ڪيو آهي ته مان پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهيندي آهيان ۽ پاڻ سلائيندي آهيان.عاصمه عباس تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان جي حيثيت ۾ نظر آئي جتي سوالن جوابن جي سيشن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته مان پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڊيزائين ۽ سلائي ڪندي آهيان ۽ پنهنجو هڪ ننڍو برانڊ آهي جنهن کي مون پنهنجي شوق ۽ پنهنجي برانڊ جي ڪري شروع ڪيو آهي. ڪپڙا تمام مناسب قيمت تي دستياب آهن جيڪي هرڪو آرام سان خريد ڪري سگهي ٿو.هن چيو ته مون ڪڏهن به ڊزائنر ڪپڙا نه پائڻا آهن ڇو ته مان ڊيمانڊ تي لباس پائڻ پسند نه ڪندي آهيان، مان پنهنجا ڪپڙا پاڻ ٺاهيندي آهيان ان ڪري مان پنهنجي ڊزائنر آهيان ۽ مان پاڻ کي پسند ڪندي آهيان.عاصمه عباس هن شو ۾ هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ماڻهن کي پنهنجي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري جو سهارو وٺڻ گهرجي پر مائيڪل جيڪسن ٿيڻ لاءِ پنهنجي فطري خوبين کي ايترو تبديل نه ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔