بجلي صارفين تي 81 ارب 50 ڪروڙ جو وڌيڪ بار وجهڻ جون تياريون

اسلام آباد: حڪومت بجلي صارفين تي 81 ارب 50 ڪروڙ جو وڌيڪ بار وجهڻ جون تياريون شروع  ڪري ڇڏيون آهن. آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. ورڇ ڪندڙ ڪمپنين بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪئي آهي.

ڪمپنين صارفين کان ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 75 ارب 14 ڪروڙ روپيه ۽ نقصانن جي مد ۾ 10 ارب 82 ڪروڙ روپيه وصول ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا 81 ارب 50 ڪروڙ روپيه بڻجي ٿي. نيپرا طرفان درخواست تي 14 فيبروري تي ٻڌڻي ڪئي ويندي. حڪومتي گائيڊ لائينز موجب ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔