مصطفيٰ ڪمال جو بيان شهر جو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم طرفان موٽ نه ملڻ تي مصطفيٰ ڪمال ڪاوڙيل آهي، سندس بيان شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جو بيان شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي. شهر ۾ لاقانونيت ۽ امن تباهه ڪرڻ جي حوالي سان اوهان جو ماضي داغدار آهي. ايم ڪيو ايم ۾ موٽ نه ملڻ تي مصطفيٰ ڪمال هن وقت سخت ڪاوڙ ۾ آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي سڀ ياد آهي ته ڪير هتي شهرين جي زندگين سان کيڏندو هو ايم ڪيو ايم ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿي. سياست ۾ دهشتگردي ڪير ڪرڻ چاهي ٿو ان جي سڀني کي خبر آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته هر انسان جي حياتي قيمتي آهي، جيڪڏهن ڪو قتل ٿيو آهي ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جمهوريت جي بحالي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. اسان جمهوريت کي بچائڻ جي لاءِ شهيد بي بي جي قرباني ڏني آهي.

ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته مصطفيٰ ڪمال کي هن وقت اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن. هو افراتفري جو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. شهر هن وقت ڪنهن به اهڙي صورتحال کي منهن نٿو ڏئي سگهي. ايم ڪيو ايم قيادت مصطفيٰ ڪمال جي اهڙي بيان جو نوٽيس وٺي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔