ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات برسات، برسات جو سلسلو 4 ڏينهن جاري رهڻ جو امڪان

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان برسات جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو صبح تائين جاري رهيو ، ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات 7 ملي ميٽر ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي . ڪراچي جي فيصل بيس ۾ وڌ کان وڌ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي جيڪو 4 فيبروري تائين جاري رهندو.

31 جنوري کان 4 فيبروري تائين خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، اسلام آباد، پوٽوهار، مري ۽ گليات ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 کان 3 فيبروري تائين تيز برسات پوندي، بلوچستان جي ڍنڍن ڍورن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي، 31 جنوري کان پهرين فيبروري دوران ڪاغان، سوات، ڪوهستان، اسڪردو، ايبٽ آباد ۽ نيلم ماٿري ۾ برسات ۽ برفباري سان رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي طرفان برسات ۽ برفباري دوران سياحن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔