توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد بامشقت جي سزا، عمران خان 10 سالن لاءِ نااهل

اسلام آباد: توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته عمران خان 10 سالن لاءِ نااهل ٿي ويو آهي .

احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانه ڪيس ۾ سزا ٻڌائي .

ٻڌڻي دوران احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ جي باني کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجو 342 جو بيان جمع ڪرايو آهي ؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون بيان تيار ڪيو آهي بشريٰ بي بي ۽ منهنجا وڪيل ايندا ته بيان جمع ڪرائينداسين .

پي ٽي آءِ جي باني جج سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان کي ايتري جلدي ڇو آهي ؟ مون سان ڌوڪو ٿيو آهي ، مون کي ته رڳو حاضري تي گهرايو ويو هو ، جنهن کان پوءِ هو ڪاوڙ ۾ عدالت واري ڪمري مان نڪري ويو .

پي ٽي آءِ جي باني عدالت کي گذارش ڪئي ته کيس ٿورو وقت ڏنو وڃي ،منهنجا وڪيل اچي رهيا آهن پر احتساب عدالت جي جج وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو .

بعد ۾ جج جيل سپرنٽنڊنٽ وسيلي عمران خان کي پيغام موڪليو ته اوهان عدالت جي ڪمري ۾ اچو ته ڪارروائي مڪمل ڪرڻي آهي پر عمران خان اچڻ کان انڪار ڪيو ، جنهن کان پوءِ جج مختصر فيصلو ٻڌايو .

عدالت ۾ بار بار پڪارڻ تي عمران خان عدالت واري ڪمري ۾ آيو ته جج محمد بشير توشا خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي، ۽ هڪ ارب 57 ڪروڙ 40 لک رپين جو ڏنڊ به لڳايو ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي 10 سالن جي لاءِ نااهل به قرار ڏئي ڇڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔