سائفر ڪيس جي فيصلي تي ڪارڪن قانون کي هٿ ۾ نه کڻن، صبر جو مظاهرو ڪيو وڃي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏ قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائڻ تي بيرسٽر گوهر پنهنجي هڪ بيان ۾ رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ تي ڀروسو آهي عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته آئين ۽ قانوني طريقي کان هٽي ڪري ڪيسز کي هلايو پيو وڃي. جج صاحب پنهنجي طرف کان سوال ڪيا اسان انهي کان ڪهڙيون اميدون رکنداسين.

ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته جج صاحب سائفر ڪيس ۾ آئين ۽ قانون کان هٽي هلندا رهيا آهن ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن، قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي، ڪارڪن سمورو ڌيان چونڊن تي ڏين. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عدليه تي ڀروسو آهي. رليف ضرور ملندو. جيڪڏهن موت جي سزا ملندي ته اها به ڪالعدم ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔