سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا

راولپنڊي: آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فاضل جج پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 342 جي بيان لاءِ سوالنامو ۽ اسٽيمينٽس جون ڪاپيون ڏنيون.

سوالنامي ۾ جوابدارن کان 36 سوالن جا جواب گهريا ويا. ٻنهي سياسي اڳواڻن پاڻ جواب لکرايا. جج سزا ٻڌائڻ کان اڳ عمران خان کان سوال پڇيو ته سائفر ڪيڏانهن ويو؟ جنهن تي پي ٽي آءِ باني جواب ڏنو ته سائفر مون وٽ نه آهي مون پنهنجي بيان ۾ لکرائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم آفيس جي سيڪيورٽي منهنجي ذميواري نه هئي.

جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جا 342 جا بيان قلمبند ڪرڻ کان پوءِ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔