نگران وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جا پرڏيهي دورا ملتوي ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي پرڏيهي دورن جون سموريون اجازتون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.

رپورٽ موجب نگران وزيراعظم چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي وزيرن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن خاص طور تي لاڳاپيل کاتن ۽ خودمختار ادارن جي ملازمن کي ڏنل سمورن سرڪاري يا نجي پرڏيهي دورن جي اجازت فوري طور تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم سيڪريٽريٽ سمورن وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو انهي ڳالهه کي يقيني بنائين ته پرڏيهي دورن جون سموريون اجازتون سرڪاري يا پرائيويٽ کين يا سندن ڊويزن جي انچارج وزيرن طرفان ڏنل اجازتون به فوري طور تي واپس ورتيون وڃن.

ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن لاءِ 8 فيبروري 2024 تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان بيلٽ پيپز جي ڇپائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 9 فيبروري 2024 تي امڪاني طور تي چونڊون کٽيندڙ پارٽي جو اعلان ڪندو. جنهن کان پوءِ ايم اين ايز قومي اسيمبلي ۾ حلف کڻندا ۽ نئين حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔