ماڙي جلباڻي واقعو: اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو ڇت تي بيهي فائرنگ ڪن ۽ پنهنجا ماڻهو مارين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي : ماڙي جلباڻي واقعي تي پوليس جون رپورٽون رد، ڊي آءِ جي کي رپورٽ سميت طلب ڪيو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي ۾ چئن ڳوٺاڻن جي قتل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد  ۽ 4زخمي ٿيل ڳوٺاڻا عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران جسٽس امجد سهتو چيو ته نظام ڪيڏو خراب آهي جو 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ هيستائين جوابدارن جا نالا به ظاهر ناهن ڪيا ويا

عدالت ايس ايس پي شهيد بينظير آباد سان مڪالمو ڪيو ته توهان ڄاڻايو ته ڳوٺ وارن ڳوٺ وارن کي ماريو، پوءِ توهان چئو ٿا ته انهن کي معاوضو ڏنو

عدالت چيو ته خبرن ۾ هليو ته دهشتگرد ماريا ويا آهن، ٻئي ڏينهن خبر پئي ته ڳوٺاڻا  هئا، ماڻهن جو ڪيترو خون ضايع ڪندا  توهان، اسان بيوقوف ناهيون، سڀ ڏسون  ٿا ۽ سمجھون ٿا

عدالت رمارڪس ڏنا ته ڊي آءِ جي به جوابدارن جا نالا ظاهر نه پيو  ڪري، عدالت پڇاڻو ڪيو ته رپورٽن ۾ اڻڄاتل ماڻهو ڇو لکيو  ويو؟

عدالت چيو ته جيڪڏهن ڏوهاري ماريا ويا آهن ته  توهان عوام جي ٽيڪس مان ڇو  معاوضو ڏنو؟  اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو ڇت تي بيهي فائرنگ ڪن ۽ پنهنجا ماڻهو مارين؟

وڪيل ذوالفقار خان جلباڻي چيو ته عدالتي انڪوائري ٿيندي ته سڀ  ڪجهه سامهون ايندو، وڪيل امام حيدر رضوي چيو ته هي غريب اٻوجھه ماڻهو آهن انهن کي  ورغلائي ڪنهن جي به خلاف بيهاري  سگهجي ٿو

عدالت پوليس جي رپورٽ تي بي  اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو، جسٽس نعمت  الله ڦلپوٽو چيو ته ڊي آءِ جي پاڻ تفصيلي رپورٽ سان پيش ٿي وضاحت ڏئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي  شھيد بينظير کي رپورٽ سميت  ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، عدالت 14 ڊسمبر تائين ڪيس  جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

درخواستگذار جو چوڻ هو ته پوليس تي ڪو به ڀروسو ناهي، عدالت  کي استدعا آھي ته عدالتي جاچ جو  حڪم ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔