پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائيفر ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي اڊيالا جيل ۾ ٿيندي، قانون واري وزارت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن خصوصي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

 آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين چيو ته قانون واري وزارت جو نوٽيفڪيشن جمع ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائيفر ڪيس جو ٽرائل سڀاڻي جيل ۾ ٿيندو

 عدالتي عملي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن کي نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو، پي ٽي آءِ چيئرمين جون ڀينرون ۽ شاهه محمود قريشيءَ جي ڌيءُ مهربانو به جڊيشل ڪامپليڪس ۾ موجود رهيون، عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔