مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرائي ان جو الزام بينظير جي خاندان مٿان هنيو ويو: بلاول

ڪوئيٽا: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان جو عوام انهن ماڻهن کي رد ڪري جيڪي سمجهن ٿا ته هنن بلوچستان جو فيصلو وٺي ڇڏيو آهي، 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص ۽ 70 سالن جي بزرگ کي صوبي جو عوام رد ڪري

 بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي

هن چيو ته مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرائي ان جو الزام شهيد بينظير جي خاندان تي هڻي سندس حڪومت ڪيرائي وئي

بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جي ٿر کي آفريقا کان به بدتر علائقي طور پيش ڪيو ويو، اڄ ان ئي ٿر جون عورتون گاڏين جي ڊرائيونگ ۽ ٻين روزگارن سان لڳل آهن، اقتدار ۾ اچي بلوچستان کي سندس وسيلن تي مالڪاڻا حق ڏيارينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔