پاور سيڪٽر ملازمن جا مفت يونٽ ختم، اويس لغاري جو اعلان

لاهور : ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت پاور سيڪٽر جي آفيسرن کي ڏنل مفت يونٽ ختم ڪرڻ جو هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي. پاور ڊويزن جي وفاقي وزير اويس لغاري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مفت يونٽن جو خاتمو عوام جو پراڻو مطالبو هو، جيڪو هاڻي پورو ٿي چڪو آهي.هن وڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ موجوده حڪومت کي هن اهم قدم جو اعزاز عطا ڪيو آهي.اويس لغاري اهو به چوي ٿو ته انشاءَ الله، اسان ضرور هر اهو قدم کڻنداسين جيڪو ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ هوندو.

تبصرے بند ہیں۔