اسرائيل ۽ لبنان ۾ جنگبندي شروع آهي، حزب الله به پابندي ڪندي، ايران سان جلد ڊيل ٿيندي، ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر چيو آهي ته لبنان ۽ اسرائيل ۾ 10 ڏينهن جي جنگبندي شروع آهي، ويڙهاڪ تنظيم حزب الله به جنگبندي جي پابندي ڪندي. هن چيو ته ايران سان به جلد معاهدو ٿي ويندو. جنگبندي تي لبناني خوش ۽ اسرائيلي ناخوش آهن.الجزيره اسرائيل جي هڪ اخبار جي حوالي سان چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج ڪاروايون جاري رکندي ۽ حزب الله جي خاتمي تائين سک سان نه ويهبو.  صدر ٽرمپ لاس ويگاس، نيواڊا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايران هڪ تمام پيارو ملڪ آهي، هو ايران سان جنگ ڪرڻ نٿو چاهي، پر ان جي ايٽمي پروگرام جي ڪري اهو ڪرڻو پيو. آمريڪي صدر چيو ته ايران جنگ تمام جلد ختم ٿيڻ گهرجي ۽ هي جنگ سٺي نموني ختم ٿيڻ واري آهي، ايران سان جنگ ٻن مهينن ۾ ختم ٿيڻ واري آهي، هن دعويٰ ڪئي ته اسان کي ايران ۾ تمام جلد فتح ملندي. صدر ٽرمپ چيو ته اسان جي هڪ جهاز ابراهام لنڪن تي 111 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، اسان جي فوج سڀني 111 راڪيٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ايران بهترين فوج جي ڪري جنگ ۾ جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هو اهو ڪيو، آمريڪا وٽ دنيا جي بهترين فوج آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهي آهي، آمريڪي فوج وٽ جديد ٽيڪنالاجي آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي.

تبصرے بند ہیں۔