پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندو، وزيراعظم جون ايراني صدر سان ڳالهيون

اسلام آباد:   وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ هن سعودي عرب سميت ٻين ملڪن جي دورن کان آگاهه ڪيو ۽ ارادو  ورجايو ته پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن جي تعاون سان خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون مخلصانه ۽ سنجيده ڪوششون جاري رکندو.

وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف صدر اسلامي جمهوريه ايران مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ تقريبن 35 منٽ جاري رهندڙ انهي ڳالهين جي دوران ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم صدر پزشڪيان ۽ ايراني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن 11 ۽ 12 اپريل 2026 تي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي وفد اماڻيو جنهن جي قيادت اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪئي.

شهباز شريف ايراني صدر کي سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه سميت مختلف عالمي اڳواڻن سان پنهنجي تازي ملاقاتن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته اهي رابطا خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري جي عملي جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ نهايت مددگار ثابت ٿيا آهن.

انهي موقعي تي وزيراعظم هلندڙ هفتي فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران جي دوري دوران ايراني قيادت سان ٿيل ڳالهين تي به ٿورو ادا ڪيو ۽ انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن جي تعاون سان خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون مخلصانه ۽ سنجيده ڪوششون جاري رکندو. هن ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.

صدر پزشڪيان وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مضبوط ارادن تي ٿورو ادا ڪيو ۽ انهي اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

 

تبصرے بند ہیں۔