اسلام آباد: اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ آمريڪي سفارتخاني جو دورو ڪيو جتي هن آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي جي تازه ترين صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين جي وچ ۾ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي رائونڊ لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آمريڪي سفير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مخلصانه ڪردار جي تعريف ڪئي.
گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي رائونڊ جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کان آگاهه ڪندي چيو ته سمورن معزز مهمانن جي لاءِ خصوصي سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.
محسن نقوي چيو ته اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي رائونڊ جي ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيون. انهي موقعي تي ڊي جي ايف آءِ آي ڊاڪٽر عثمان انور، چيف ڪمشنر اسلام آباد سهيل اشرف، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان ميمڻ به موجود هئا.
تبصرے بند ہیں۔