ڪراچي: وزير اعلي هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ فيول سبسڊي جي عملدرآمد بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولہ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري بين الصوبائي رابطا آصف اڪرام، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ فيول سبسڊي اسڪيم تحت هينئر تائين 3,976 گاڏين کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ 14 ڪروڙ 67 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن۔ جڏهن ته پنج هزار کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ڊيٽا جي غلطين سبب تصحيح جو عمل جاري آهي۔ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته 11,980 اهل گاڏين جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو آهي، جنهن تي سيد مراد علي شاهه تصديقي عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ مستحق ٽرانسپورٽرز کي فوري رليف فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ هن واضح ڪيو ته ڊيٽا ۾ غلطين جي بنياد تي دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.
وڏي وزير ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز کاتن کي وفاق سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شناختي ڪارڊ، آئي بي اين ۽ ٻين ڊيٽا جي غلطين کي ترت درست ڪيو وڃي۔ هن ٽرانسپورٽ نظام جي ڊجيٽلائيزيشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته سندس هدايتن تي ايڪسائيز کاتي پاران موٽر رجسٽريشن، پي ٽي اي ۽ آر ٽي اي نظام کي خودڪار بڻائڻ جو عمل جاري آهي۔
سيد مراد علي شاهه ٽريفڪ ۽ موٽروي پوليس سان نظام جي انضمام جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي ذريعي شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي۔ وڏي وزير بغير روٽ پرمٽ يا فٽنيس سرٽيفڪيٽ هلندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ روٽ پرمٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي۔ هن فيلڊ چيڪنگ ۽ جرمانن جي نظام کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته قانون جي ڀڃڪڙي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔ وڏي وزير ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ مؤثر رابطن تي زور ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته سبسڊي شفاف، بروقت ۽ حقدارن تائين پهچائي وڃي۔
تبصرے بند ہیں۔