ڪراچي: نائين ڪلاس جو انگلش جو پيپر امتحان کان اڳ آئوٽ، سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي: ڪراچي ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحاني پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به نائين ڪلاس جو انگلش جو پيپر امتحان کان اڌ ڪلاڪ اڳ آئوٽ ٿي ويو.

ثانوي ميٽرڪ بورڊ جي تحت نائين ۽ ڏهين جا امتحان جاري آهن پر امتحانن جي حوالي سان ميٽرڪ بورڊ انتظاميه جا دعويٰ اڌورا رهجي ويا آهن.

ذريعن موجب نائين ڪلاس جو انگلش جو پيپر امتحان کان اڌ ڪلاڪ اڳ ئي جوابن سميت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. ياد رهي ته انهي کان اڳ نائين ڪلاس جو مارننگ شفٽ ۾ ٿيل ڪمپيوٽر اسٽڊيز ۽ ڏهين ڪلاس جو سماجي اڀياس جو پيپر به آئوٽ ٿي ويو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔