خضدار ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليڊي ڪانسٽيبل سميت 2 اهلڪار شهيد

خضدار: خضدار ۾ شرپسند عناصرن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليڊي ڪانسٽيبل ملڪ ناز سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ پهرين عورت ڪانسٽيبل بهادري جي مثال قائم ڪندي شهادت ماڻي.

سرفراز بگٽي چيو آهي ته  ليڊي ڪانسٽيبل جو مڙس عبدالغني اڳ ئي ملڪ تي قربان ٿي چڪو آهي، پوليس ڪانسٽيبل ملڪ ناز جي قرباني عظيم آهي. جنهن دهشتگردن سان مقابلي دوران شهادت ماڻي.

هن چيو ته  بلوچستان حڪومت مشڪل صورتحال ۾ شهيد ٿي ويل ليڊي ڪانسٽيبل جي ٻارن سان گڏ بيٺل آهي. خضدار ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل سميع الله به شهيد ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جو قيمتي سرمايو آهن انهن کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔