آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو، 4 سرڪاري ادارا حڪومتي سرپرستي مان آزاد ٿي ويا

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪري ڇڏيو، ايوان صدر چئن سرڪاري ادارن کي حڪومتي سرپرستي مان آزاد ڪرڻ جا آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا.
صدر چئن ادارن ريڊيو پاڪستان، اين ايڇ اي، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ پوسٽل سروسز بابت آرڊيننسز جي منظوري ڏئي ڇڏي، غير منافعي بخش ۽ مالي خساري جو سبب بڻجندڙن اهي چارئي سرڪاري ادارا خود مختيار بورڊن جي ماتحت ڪم ڪندا، انهن تان حڪومتي سرپرستي ختم ڪئي وئي.
حڪومت پي ٽي وي، ڪسٽم ۽ پاڪستان اسٽيل مل کي به حڪومتي سرپرستي مان آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ صدارتي آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
خراب ڪارڪردگي وارن انهن وڌيڪ چئن سرڪاري ادارن جو به انتظامي ڍانچو تبديل ڪرڻ جو فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي اهي وڌيڪ چار سرڪاري ادارا به خود مختيار بورڊ جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندا.
ذريعن موجب خود مختيار بڻايل سرڪاري ادارن جو انتظامي بورڊ 6 کان 12 ميمبرن تي ٻڌل هوندو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔