آرمي چيف جو شهيد جي نياڻيءَ جي دانهن تي ايڪشن

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير هڪ شهيد سپاهيءَ جي نياڻيءَ جي دانهن تي زيادتي ڪندڙ وڏيري ڏانهن سخت پيغام اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 يوم تڪريم شهداء جي تقريب دوران آرمي چيف ڊيرا مراد جمالي جي شهيد جوان جي نياڻيءَ سان ڪچهري ڪئي

 شهيد جي نياڻي آرمي چيف کي دانهن ڏيندي چيو ته جڏهن به ٻوڏ ايندي آهي ته وڏيرو ٻوڏ جو پاڻي اسان جي گهرن ڏانهن ڇڏيندو آهي

 آرمي چيف موقعي تي حڪم جاري ڪندي چيو ته وڏيري کي پيغام اماڻيو وڃي ته ٻيهر اهڙي حرڪت نه ڪري

 آرمي چيف معصوم ٻارڙيءَ کي خاطري ڪرائيندي چيو ته هاڻي وڏيرو توهان جي گهرن ڏانهن پاڻي نه ڇڏيندو، وڏيرو نه مڙيو ته پوءِ پاڻي وڏيري جي گهر ڏانهن ويندو، آرمي چيف جي شهيد جي نياڻيءَ سان ڪچهري واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔