پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن بابت اعلان اڄ ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پهرين ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پهرين ڊسمبر کان  پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7 روپيه 37 پئسن جي لاٿ جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 6 روپيه 85 پئسا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

گاسليٽ في ليٽر 2 روپيه 82 پئسا ۽ لائٽ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپين تائين جي لاٿ ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔