سنڌ جي تعليم کاتي 22 ڊسمبر کان سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي ادارن ۾ 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي طرفان سياري جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي سنڌ جا نجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارا پهرين جنوري تي کلندا.

ان حوالي سان تعليم کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي موجب موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔