اسان جي مخالف ڪا سياسي جماعت ناهي، پيپلز  چارٽر آف اڪانومي آڻينداسين: بلاول

ڪوئيٽا: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي مخالف ڪا سياسي جماعت ناهي، چارٽر آف اڪانومي آڻينداسين، سياستدان ذاتي انا بدران عوام جو سوچين

پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس جي حوالي سان جلسي کي خطاب دوران بلاول چيو ته اسان ڀٽو جو مشن مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، شهيد ڀٽو نئين طرز جي سياست متعارف ڪرائي ۽ پاڪستان کي آئين ڏنو

هن چيو ته بينظير ڀٽو سياست شروع ڪئي ته ملڪ ۾ آمريت هئي، آمر عوام کان جمهوري حق، ووٽ جو حق کسيو، بينظير ڀٽو ملڪ ۾ نئين طرز جي سياست ڪئي

بلاول چيو ته آصف زرداري به انتقام جي سياست ناهي ڪئي، جڏهن ته نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست کي دفن ڪيو، جيڪڏهن آصف زرداري چاهي ته زبان ڪٽيندڙن کي جيل موڪلي ڇڏي ها پر هن 18 هين ترميم منظور ڪرائي، زرداري دور ۾ سي پيڪ جو بنياد پيو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ٿيو، آصف زرداري هڪ سال ۾ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو

بلاول چيو ته سياسي شوبازن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته  ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ نه ڏينداسين، هو 18 هين ترميم جو خاتمو آڻي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻن چاهين ٿا، اسلام آباد کي  اڄ ڏينهن تائين بلوچستان جون محروميون نظر نه آيون، اسان بلوچستان جي محرومين جو  ازالو ڪرڻ چاهيون ٿا، سڄي ملڪ کي سرپرائيز ڏينداسين ته وزيراعظم جيالو هوندو

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي  ڪا به سياسي جماعت مخالف ناهي، چارٽر آف اڪانومي آڻينداسين، سياستدان ذاتي انا  بدران عوام جو سوچين، سياسي شوبازن  جو دور ختم  ٿي چڪو، سياسي شوبازن  کي نه 18 هين ترميم ختم ڪرڻ ڏني ويندي نه 18 هين ترميم  جي خاتمي تي سوچڻ جو وقت ڏنو ويندو، ڇا هنن کي خبر ناهي ته 18 هين ترميم صوبن کي خودمختيار بڻائي ٿي

هن چيو ته سياسي شوباز نه ٿا چاهين ته 18 هين ترميم ملڪ ۾ مروج رهي، هو 18 هين ترميم جو خاتمو آڻي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿا، پ پ انتقام ۽ نفرت جي سياست  تي يقين نه ٿي رکي، ان ڪري اسان ملڪ ۾ انتقام ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو

بلاول چيو ته پيپلز پارٽي نئين طرز جي سياست شروع ڪري ڇڏي آهي، نوجوانن کي پراڻي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو، پراڻي سياست تقسيم، نفرت ۽ انتقام تي ٻڌل هئي، ملڪ کي نئين  سوچ ۽ سياست جي ضرورت آهي، پيپلز پارٽي جو مقابلو بيروزگاري ۽ مهانگائي سان آهي، يوٿ ڪارڊ ذريعي ملڪ جي نوجوانن جي مدد ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔