ڪراچي: گلستان جوهر واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر جي هڪ گهر مان ماءُ ۽ سندس چئن معصوم پٽن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪيو ويو، پوليس مقتوله عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو.

گلتان جوهر جي علائقي بلاڪ 5 بتول اسپتال ويجهو شير محمد بلوچ ڳوٺ ۾ گهر مان عورت ۽ چئن ٻارن جا گلا ڪٽيل لاش مليا آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ادارن جا رضاڪار موقعي تي پهچي ويا

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 35 سالن جي صائمه زال ارشد علي بلوچ ۽ سندس 4 پٽن 8 ورهين جو اشهد، 7 ورهين جو شاهه زين، 2 ورهين جو احد ۽ 6 ورهين جي ذيشان جي نالي سان ڪئي وئي آهي. مقتولن جا لاش  جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب مقتوله عورت صائمه جي مڙس ارشد علي بلوچ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هو ايراني(سنجراني بلوچ) قوم سان تعلق رکي ٿو ۽ واقعي وقت گهر تي موجود نه هو. ارشد بلوچ موجب مان جڏهن گهر پهتس ته منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي مون پنهنجن پٽن ۽ گهر واري جا لاش رت ۾ رڱيل ڏٺا. پوليس موجب جوابدار ارشد علي بلوچ نشي جو عادي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔