حماس ۽ اسرائيل جنگبندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ ٿي وئي

غزه: حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي 7 ڏينهن هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ پوئين شرطن جي تحت ئي جنگبندي ۾ جمعي تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ٻنهي ڌرين وڄ ۾ اڄ جنگبندي ختم ٿيڻ جي صرف 10 منٽ اڳ معاهدي اتفاق ٿي ويو.

ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري ٻڌايو ته ان دوران غزه ۾ امدادي فراهم ڪئي ويندي ۽ ڌريون جنگ کان پاسو ڪن. معاهدي جي تحت حماس ۽ اسرائيل پاڻ وٽ موجود هڪ ٻئي جي قيدين کي آزاد ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔