افغان مهاجرن کي واپس موڪلڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: افغان مهاجرن کي واپس موڪلڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل، افغان مهاجرن کي واپس موڪلڻ خلاف لمز  يونيورسٽي جي پروفيسرن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

درخواست آرٽيڪل 184 (3) جي تحت افغان مهاجرن ۽ پرڏيهي شهرين جي بي دخلي خلاف داخل ڪئي وئي

درخواست ۾ وفاق، چئني صوبائي حڪومتن، نادرا ۽ ٻين کي ڌر  بڻايو ويو

درخواست  ۾ استدعا ڪئي وئي ته افغان مهاجرن جي شفاف انداز ۾  واپيسي لاءِ خودمختار ڪميشن  ٺاهي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔