اسلام آباد: وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا

نگران وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ساڳي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين ڪو به واڌ يا گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي پر ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ذريعن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 82 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 4 رپيا 52 پيسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔