ملڪي صورتحال سبب نگران وزيراعظم ڪينيا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڪينيا جو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ ملڪي صورتحال سبب ڪينيا نه ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم پرڏيهي وزير سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪينيا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 4 کان 6 سيپٽمبر تائين ڪينيا جو دورو ڪرڻ وارو هو جتي هن آفريڪا موسمياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔