سائفر ڪيس: ايف آءِ اي جي مخالفت، پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد: سائفر ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ ڪورٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ان ڪيمرا ڪئي.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بابر اعواڻ ۽سلمان صفدر ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا ۽ سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيلن جي لاءِ اٽڪ جيل ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪئي وڃي. اٽڪ جيل جڏهن به وياسين ته وڪيلن کي ڏيڍ ڪلو ميٽر پنڌ هلڻو پيو. اٽڪ جيل ۾ ٽرائل جي خلاف درخواست داخل ڪيل آهي.

ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي جو وڪيل علي بخاري به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته پنهنجي موڪل جي ضمانت واري درخواست تي اڄ ئي دليل ڏيڻ چاهيان ٿو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن طرفان ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ جي استدعا ڪئي وئي جڏهن ته اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي طرفان اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ جي مخالفت ڪئي وئي.

ذريعن موجب اسپيشل پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي اعتراض اٿاريندي ضمانت جي درخواست ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

ذريعن موجب ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هن عدالت بابت هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل انتظار  پنجوتها چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ مان درخواست واپس وٺي ٿا ڇڏيون. ضمانت واري درخواست جي معاملي تي هاءِ ڪورٽ اسٽي نه ڏنو آهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿي چڪي هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي.

ذريعن موجب ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسپيشل سيڪريٽ ڪورٽ جي جج پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔