ڪوئٽه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: ڪوئٽه جي واشڪ واري علائقي بسيمه ۾  سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 5 مبينه حملي آور مارجي ويا آهن.

سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪارروائي  دوران ٻطرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته حملو ڪندڙن جا 3 ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب حملي آورن جي استعمال هيٺ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سي ٽي ڊي لکي مروت ۾ 2 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ٽيپو گل گروپ سان هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔