اسلام آباد: پاڪستان جو تجارتي خسارو روان مالي سال 2026-27ع جي پهرين مهيني جولاءِ ۾ 3.94 ارب ڊالر ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي.ادارہ شماريات پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ 2026ع دوران ملڪي برآمدات 2.93 ارب ڊالر جڏهن ته آمدات 6.88 ارب ڊالر رهيون، جنهن جي نتيجي ۾ تجارتي خسارو 3.94 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. جولاءِ 2025ع جي ڀيٽ ۾ برآمدات ۾ 9 سيڪڙو ۽ آمدات ۾ 18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جون 2026ع جي مقابلي ۾ جولاءِ ۾ برآمدات ۾ 31 سيڪڙو (تقريبن 70 ڪروڙ ڊالر) واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي.رپورٽ موجب گذريل سال جولاءِ 2025ع ۾ تجارتي خسارو 3.15 ارب ڊالر هو، جنهن ۾ هڪ سال دوران تقريبن 79 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اداره شماريات موجب تخمينن لاءِ في آمريڪي ڊالر جي سراسري قيمت 278 روپيا رکي وئي آهي. گذريل مالي سال 2025-26ع دوران خدمتن (Services) جي برآمدات ۾ 19 سيڪڙو واڌ ٿي هئي.
تبصرے بند ہیں۔