تهران : ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي تصديق ڪئي آهي ته آبنائي هرمز ۾ جهاز رانيءَ لاءِ ايران ۽ عمان وچ ۾ نئي معاهدي جون حدون آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن.هن چيو ته جهازن جي گذرڻ جو هڪ وڏو حصو ايراني سامونڊي حدن مان گذريو ۽ هي نئون ماڊل گذريل 60 سالن کان قائم طريقيڪار کان الڳ هوندو. هن واضح ڪيو ته عمان سان مفاهيمت جو مطلب اهائي ناهي ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کولي ويندي. ٽرانزٽ فيس ۽ ٻين معاملن جو انحصار ايراني قيادت جي فيصلن ۽ آمريڪي رويي تي هوندو. ايران ۽ عمان آبنائي هرمز مان جهاز رانيءَ لاءِ هڪ اهم رستي جي جغرافيائي حدن تي متفق ٿي ويا آهن، جنهن جي تصديق ايراني پرڏيهي وزارت پاران به ڪئي وئي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت موجب ٻئي ملڪ آبنائي هرمز مان بحري جهازن جي محفوظ گذرگاهه ۽ نئين انتظامي فريم ورڪ جي طئي ٿيل حدن تي هڪجهڙائيءَ تي پهچي ويا آهن. هن پيش رفت کي خطي ۾ بحري آمدورفت ۽ تڪراري صورتحال دوران جهاز رانيءَ کي نئين سري سان منظم ڪرڻ ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
هٿيارن جي گهٽتائيءَ تي ٽرمپ دفاعي وزير تي ڪاوڙجي پيو، آمريڪي اخبار جو انڪشاف
واشنگٽن : ايران سان جاري تڪرار دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران گولہ بارود جي شديد گهٽتائيءَ تي سخت غصي جو اظهار ڪندي پنهنجي دفاعي وزير پيٽ هيگسيٿ کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ٿيل کابينه جي اجلاس دوران صدر ٽرمپ دفاعي وزير تي سخت برسي پيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته کيس هٿيارن جي کوٽ بابت گمراهه ڇو ڪيو ويو، جنهن سبب ايران خلاف فوجي آپشنز هاڻي محدود ٿي چڪا آهن. اخبار موجب صدر ٽرمپ جو خيال هو ته گولہ بارود جو مسئلو حل ٿي چڪو آهي، پر واقعاتي صورتحال ان جي برعڪس نڪتي.
آمريڪا ايران ۾ حڪومت جو تختو الٽڻ واري سازش ۾ ناڪام ٿيو: مسعود پزشڪيان
ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته آمريڪا جو خيال هو ته هو جنگ ۽ پابندين ذريعي شام وانگر ايران ۾ به حڪومت الٽائي ڇڏيندو، پر دشمن جي 48 ڪلاڪن ۾ تختو الٽڻ واري سازش بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي. سرڪاري ٽي وي تي انٽرويو دوران ايراني صدر چيو ته نئين سپريم ليڊر ايران کي متحد ۽ مضبوط بڻايو آهي، ۽ تمام تر چئلينجن جي باوجود ايران اڄ هڪ باوقار ۽ طاقتور ملڪ آهي. هن سوال اٿاريو ته آمريڪا ايراني يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن کي نشانو ڇو ٿو بڻائي؟ آمريڪا نٿو چاهي ته ايران جو ڪو به قابل شخص اڳواڻي واري ڪردار ۾ اچي. ايراني عوام جي بي مثال اتحاد دشمن جا سڀ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن.
عمان جي ڪمزار علائقي وٽ واقعو ٿيو، ٽينڪر ۽ عملو محفوظ: برطانوي ميري ٽائم ايجنسي
عمان جي ساحلي علائقي ۽ آبنائي هرمز وٽان گذرندڙ هڪ آئل ٽينڪر ۾ 2 ڌماڪن جي اطلاع ملي آهي.برطانوي ميري ٽائم ايجنسي موجب واقعو عمان جي علائقي ڪمزار کان تقريبن 9 ناٽيڪل ميلن جي پنڌ تي پيش آيو. ايجنسي واضح ڪيو ته ڌماڪن باوجود ٽينڪر يا ان جي عملي کي ڪو به نقصان ناهي پهتو ۽ نه ئي ماحولياتي آلودگيءَ جي ڪا رپورٽ سامھون آئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔