اي ٽي سي عدالت فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور:  دهشتگردي جي انت واري عدالت(اي ٽي سي) فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

ماڊل ٽائون ۾ مسلم ليگ هائوس کي ساڙڻ جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل فواد چوڌري جي پيش نه ٿيڻ تي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.

هوڏانهن 9 مئي سانحي جي ڪيس ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج عبهر گل فيصلو ٻڌائيندي شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پيروي نه ڪرڻ جي بنياد تي ضمانت واري درخواست رد ڪئي.

ياد رهي ته شاهه محمود قريشي  خلاف ماڊل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس 23/366 ۽ 23/367 ۾ ضمانت رد ٿي جڏهن ته فواد چوڌري جي ضمانت به ڪيس 23/366 ۽ 23/367 ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ داخل هجڻ سبب رد ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔