عوام جيڪڏهن هاڻ به خاموش رهيو ته ساهه کڻڻ جو به ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو: سراج الحق

راولپنڊي: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غلط معاهدن تي بجلي جي قيمتن ۾ روزاني اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسان  بجلي لاءِ روئي رهيا هئاسين ته اسان مٿان پيٽرول بم استعمال ڪيو ويو.

راولپنڊي ۾ گرينڊ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو آهي هت بجلي جي بلن ۾ 16 قسم جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن. پاڪستان جي سياست ۽ معيشت آءِ ايم ايف جي حوالي ڪئي وئي آهي. 13  پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم عوام کي آءِ ايم ايف جو غلام بنائي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي غلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

هن چيو ته اشرافيه 500 ارب کان وڌيڪ مفت بجلي کائي وڃي ٿي. عوام جيڪڏهن اڄ به خاموش رهيو ته هاڻ کين ساهه کڻڻ جو به ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪمرانن ملڪ کي بند گهٽي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. عالمي ادارن جي رپورٽ آهي ته پاڪستان ۾ 90 لک نوجوان منشيات جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ 8 لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا آهن.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته پنج سال جيڪي پارٽيون حڪومت ڪري ويون انهن ملڪ جو امن امان تباهه ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال بدترين آهي. عوام موقعو ته پهرين فرصت ۾ وياج جو نظام ختم ڪنداسين. سراج الحق وڌيڪ چيو ته زرداري جو مسئلو بلاول ۽ نوازشريف جو مسئلو مريم کي وزيراعظم بنائڻ آهي. حڪمرانن جي بينڪ اڪائونٽس  ۾ اضافو جڏهن ته عوام مٿي جي گوري لاءِ ترسي رهي آهي. حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 15 روپيه اضافو ڪيو آهي. کنڊ جي قيمت 180 روپين تائين پهچي وئي آهي. وقت اچي ويو آهي ته عوام چور حڪمرانن جي خلاف روڊن تي اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔