آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، آغا سراج دراني جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل، فاروق ايڇ نائڪ چيو ته پراسيڪيوشن ڄاڻي واڻي ڪيس کي اينگهائي رهي آهي، هڪ سال ۾ رڳو ٻن شاهدن جا بيان قلمبند ٿيا آهن، آغا سراج دراني هڪ سال کان جيل ۾ آهي، ڪنهن کي هڪ ڏينهن به غير قانوني طور جيل ۾ رکڻ ڏوهه آهي، عدالت ضمانت بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔