ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ ريل وڏي حادثي کان بچي وئي

گھوٽڪي: ڪراچي کان راولپندي ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي.
ريلوي اختيارين موجب گھوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي گرين لائين ايڪسپريس جي انجڻ پٽڙيءَ تان لهي وئي، انجڻ لوپ لائين تي بيٺل فريد ايڪسپريس جي بلڪل ويجهو اچي بيهجي وئي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ هو ته گرين لائين ايڪسپرس ۽ فريد ايڪسپريس حادثي کان محفوظ رهيون، گرين لائين ايڪسپريس ريل جي انجڻ پٽڙيءَ تان لهڻ سبب اپ ٽريڪ تي ريلن جي اچ وڃ معطل آهي، ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ خيبر ميل کي پنو عاقل ريلوي اسٽيشن تي روڪيو ويوآهي.
ريلوي اختيارين موجب سکر کان رليف ريل گھرائي وئي آهي، ٽريڪ جلد بحال ڪيو ويندو.
ريلوي پوليس جو چوڻ هو ته گرين لائين جي انجڻ سفر جوڳي ناهي، متبادل گُهرايو ويو آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔