سامونڊي طوفان جو خدشو، ڪمشنر ڪراچي پاران بل بورڊ ۽ سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي: سامونڊي طوفان جي خطري سبب ڪمشنر ڪراچي پاران شهر ما بل بورڊ ۽ سائن بورڊ سميت اشتهاري مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفان بائپر جواءِ جي اثر سبب ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي جو امڪان آهي

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب  طوفان بائپر جواءِ ڪراچي جي ڏکڻ  کان 760ڪلوميٽر پري آهي

جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي پاران حڪم تي عملدرآمد لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکي چيو ويو آهي ته انساني جانيون محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪمزور وڻ وڍيا وڃن

سامونڊي طوفان جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪمشنر ڪراچي شهر مان بل بورڊ ۽ سائن بورڊ سميت اشتهاري مواد هٽائڻ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔