بجيٽ ۾ تعليم، صحت، امن لاءِ وڌيڪ رقم رکي وئي آهي: مراد علي شاهه جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هن سال جو رڪارڊ 2.25 ٽريلين جو بجيٽ آهي جنهن ۾ تعليم، صحت امن امان لاءِ وڌيڪ رقم رکي وئي آهي.

پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ وقت رڙيون نه ڪرڻيون پيون، ترقياتي اسڪيمن لاءِ اسان لون ورتو آهي. اهو سال جڏهن شروع ٿيندو ته حالتون بهتر ٿي وينديون. اسان ساليانو ترقياتي پلان جوڙيو هو. فوري طور تي روڊن جي مرمت لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويندا

وڏي وزير چيو ته سامونڊي طوفان اچڻ جو خطرو آهي. چيو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ برساتون پونديون. جڏهن طوفان ڪناري تي پهچندو ته هوائن جي رفتار 89 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين هوندي. پاڪ فوج سان به ڳالهيون ڪيون آهن ته ٺٽي سميت ٻين لاڳاپيل علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻو پئجي سگهي ٿو. ماڻهن لاءِ رهائش جو بندوبست ڪيو آهي. 2007 ۾ برساتون هن کان اڌ پيون هيون پر اسان سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي ڪمشنر ضروري قدمن جو چيو آهي. هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان مڪمل رابطي ۾ آهيون. ماڻهو غيرضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. اسان ٻوڏ جي معاملي تي ٻاهرين ذريعن کان 2 ارب ڊالر حاصل ڪيا. ايتري وڏي رقم جو 4 مهينن ۾ انتظام ڏکيو ڪم آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ دوران  6 ڀيرا چڪر لڳايا. اڳ واري وزيراعظم کي اها به خبر نه هئي ته سنڌ ڪٿي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سڄي سنڌ ۾  ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ ميئر پ پ جا هوندا. سنڌ ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي ان جو سبب سنڌ ۾ استحڪام آهي. پنجن سالن کان هڪ ئي ناڻي وارو وزير رهيو، وفاق ۾ ناڻي وارا وزير تبديل ٿيندا رهيا آهن. استحڪام جي نشاني پيپلز پارٽي آهي. نالا رکڻ کان اڳ سوچي وٺڻ گهرجي ها.

پ پ اڳواڻ چيو ته اسان ماڻهن کي ريليف ڏيڻ چاهيو ٿي ڪافي حد تائين ڪامياب ٿياسين. ٻوڏ اچڻ کان پوءِ چئن کان پنجن مهينن تائين ترقياتي ڪم بند ٿي ويا هئا. ايندڙ سال هن کان به وڌيڪ بهتر هوندو. ٻوڏ دوران هڪ ملين ٽينٽ ورهايا ويا. جيئن ئي فلڊ ريليف تي ڪم شروع ڪيوسين ته اندازو هو ته پنهنجي فنڊز سان ڪم نه ڪري سگهنداسين. ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ سمورا روڊ اسان کي ٻيهر تيار ڪرائڻا پيا.

وڏي وزير چيو ته بجيٽ ۾ ايجوڪيشن لاءِ 35 ارب روپيه رکيا آحن. ايريگيشن لاءِ 25 ارب، هائوسنگ لاءِ 25 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ فنانس جي اسڪيمن لاءِ 182 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ڪراچي ۾ 701 ملين جي پرڏيهي فنڊنگ جون اسڪيمون آهن. سنڌ ڪلڪ پروجيڪٽ لاءِ 127 ارب جي ايلوڪيشن جيڪا لوڪل گورنمنٽ ايگزيڪيوٽ ڪندي. ريلوي لائين جي پروجيڪٽ تي 27 ارب روپين جي ايلوڪيشن آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اين آءِ ايڇ کي گرانٽ ڏيون ٿا، ڪراچي ۾ جي پي ايم سي کي گرانٽ ڏيون ٿا، اين آءِ سي وي ڊي کي گرانٽ ڏيون ٿا. انڊس اسپتال کي 4 ارب روپيه گرانٽ ڊوالپمينٽ جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون. 255 ارب روپين جي لاڳت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت منصوبا هلي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔