ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رجب طيب اردوان عظيم اڳواڻ آهي، ترڪيه جي عوام ان تي تمام گهڻو ڀروسو ڪيو. صدر رجب طيب اردوان کي هڪ دفعو ٻيهر زبردستي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر اردوان سان تمام گهڻو ويجهو  ٿي ملي ڪم ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان. ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. واپار، سرمائيڪاري، گڏيل رابطن ۾ واڌ تي اتفاق ٿيو آهي. ايندڙ 3 سالن دوران گڏيل واپار کي 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۽ عوام هميشه مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي. ترڪ سرمائيڪار شمسي توانائي جي شعبي ۾ سرمائيڪاري ڪن، ترڪ سرمائيڪارن کي پن بجلي وارن منصوبن لاءِ دعوت ڏيون ٿا. پاڪستان، ايران ۽ ترڪيه وچ ۾ ريل روڊ نيٽ ورڪ منصوبو اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته ترڪي جي ٽيڪنالوجي ۽ پاڪستان جي گڏيل طاقت ٻنهي ملڪن لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، فصل تباهه ٿي ويا. تعميراتي ڍانچي کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو. ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. ترڪيه ڪشمير ڪاز جي هميشه غير مشروط حمايت ڪئي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪرپشن ۽ اختيارن کان مٿانهين الزامن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. گذريل 4 سالن دوران اسان جي قيادت کي قيد ڪيو ويو. اسان نه احتجاج ڪيو، نه تشدد جو ڪو واقعو ٿيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي هدايت تي شرپسندن ملڪ جي اهم ٺڪاڻن کي نشانو بنايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔