طوفان بائيپر جوائي ۾ وڌيڪ شدت، سنڌ  جي مختلف علائقن ۾ 400 ملي ميٽر تائين برسات متوقع، ڪراچي ۾ به شديد بارش جي پيشنگوئي

ڪراچي: عربي وڏي سمنڊ ۾ طوفان بائيپر جوائي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو اچي ويو آهي ..

موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان گذريل 12 ڪلاڪن اتر پاسي وڌي رهيو آهي جيڪو ڪراچي جي ڏکڻ کان 600 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي جي ڏکڻ کان 580 ڪلوميٽر پري آهي .

طوفان سبب سمنڊ ۾ هوا جي رفتار 180 کان 220 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي وچ ۾ آهي .14 جون تائين سامونڊي طوفان اتر طرف وڌندو ۽ 15 جون جي ٻن پهرن جو طوفان ڏکڻ اوڀارين سنڌ ۽ ڀارتي گجرات کي پار ڪندو .

15 جون جي صبح  تائين سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات  جي وچ ۾ ٽڪرائيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔