سنڌ ۾ طوفان جو خدشو آهي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ وڌيڪ خطرو آهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ طوفان جو خدشو آهي، ڪراچي ۾ به برسات جو امڪان آهي، طوفان سبب تيز هوائون گُهلنديون، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ وڌيڪ خطرو آهي، پاڪ فوج کان به مدد طلب ڪئي آهي، 8 کان 9 هزار خاندانن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻو پوندو، طوفان کان اڳ  حفاظتي قدم کڻون پيا،  ڪراچي ۾به وڏا قدم کنيا آهن

 پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس  دوران وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو طوفان دوران گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، هن چيو ته سنڌ سرڪار مڪمل تيار آهي، ڪوشش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مالي نقصان ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين جو دورو ڪريان

 وڏي وزير چيو ته سنڌ جي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 2 ڏهائي 25 ٽريلين رپيا آهي، اسان ترقياتي اسڪيمن لاءِ قرض  وٺون ٿا، ڊالر جو ملهه وڌڻ سان اسان جو قرض وڌي وڃي ٿو

مراد علي شاهه چيو ته گذريل سال به رڪارڊ برساتون پيون، اسان ڪراچي، ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن مان بهتر انداز ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪيو، وڏي وزير چيو ته سڀني کي چوان ٿو ته تعصب جي عينڪ هٽائي ڏسن، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪري رهيا آهيون

وڏي وزير چيو ته ڪراچي-ٺٽو روڊ مڪمل ٿي چڪوآهي، نوري آباد ڪمپني ڪراچيءَ کي بجلي فراهم ڪري ٿي، ملير ايڪسپريس به مڪمل آهي، ڌاٻيجي انڊسٽريل اسٽريٽ تي 16 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن

 هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ 56 ارب رپين جا ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن، 200 بلين رپين جي  وڌيڪ  ترقياتي اسڪيمز تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته تنقيد ڪرڻ وارا پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ کان ڊنل آهن، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ اسان جا ميئر اچي رهيا  آهن، هڪ شخص روئي رهيو آهي، 15 جون کان پوءِ اهو به روئڻ بند ڪري خاموش ٿي ويهي رهندو، اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهيون

 وڏي وزير چيو ته  وفاق طرفان مليل منصوبن کان خوش ناهيون، گذريل حڪومت  ۾ سنڌ سان تمام گهڻي زيادتي ٿي، وفاق کان مطالبو آهي ته سنڌ کي ٻين صوبن جي برابر رکي

 هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته وڏي وزير  لاءِ هيلي ڪاپٽر 1992ع ۾ خريد ڪيو ويو هو، گذريل سال ٻوڏ سبب گهڻو هيليڪاپٽر استعمال ڪيو، هيلڪاپٽر تي ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا ڪيا، هيلي ڪاپٽر جي دورن تي تنقيد مناسب ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔