پروفيسر اجمل ساوند جو قتل، پوليس جون ڪارروايون، 5 شڪي گرفتار

ڪراچي: ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار تان قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جو مڙهه سکر ۾ سوين آلين اکين سان دفنايو ويو، سکر جي اخوت نگر ۾ جنازي نماز دوران وڏي انگ ۾ ماڻهن طرفان شرڪت ڪئي وئي

 پروفيسر اجمل ڪنڌڪوٽ ڀرسان گولين جو کاڄ بڻايو ويو، پروفيسر ڪار ۾ وڃي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني، واردات بعد هٿياربند خوشي وچان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا

جڏهن ته پوليس ڳوٺ سُندر خان سُندراڻي ۾ چڙهائي پڻ ڪئي، 5 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته الزام هيٺ آيل جوابدارن جا گهر ڊاهي 5 شڪي جوابدارن جي گرفتار ڪري پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي

ڪنڌڪوٽ ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، پروفيسر اجمل جي قتل کي شعور جو قتل قرار ڏيندي جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

وارثن جو چوڻ آهي ته سندراڻي ڌر جي هٿياربندن پروفيسر کي گوليون هڻي قتل ڪيو، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، مقتول اجمل ساوند آءِ بي اي سکر جو پروفيسر هو، هُن فرانس مان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي

ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪئي وئي آهي، سنڌ پوليس کي قتل جي جاچ ڪري جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته علم دوست شخصيت جي قتل جي خبر ٻڌي سخت صدمو رسيو، پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔