سنڌ ۾ گئس لاءِ عوام پريشان آهي، صنعتون به متاثر آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ گئس تي پهريون حق سنڌ جو آهي، گئس جي لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت پريشان آهي، صنعتن جو به ڦيٿو به رڪجي ويو آهي

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ گئس بحران سميت مختلف مامرن تي بريفنگ ڏني وئي

وڏي وزير مراد علي شاهه مملڪتي وزير مصديق ملڪ سان ملاقات ڪري گئس جي بدترين لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي

وڏي وزير چيو ته ملڪ جي 63 سيڪڙو گئس سنڌ پيدا ڪري ٿي، سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي

مملڪتي وزير مصدق ملڪ اجلاس دوران گئس جي ورڇ جا تفصيل ٻڌايا

سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ وارو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪميٽي ميمبرز جا نالا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون طئي ڪنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔