وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت عسڪري قيادت ۽ چارئي وڏا وزير به شريڪ آهن، حساس ادارن جي سربراهن پاران قومي سلامتي جي معاملن تي بريفنگ ڏني پئي وڃي

 ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت سيڪيورٽي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن

 قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير  ملاقات ڪئي

ملاقات ۾ قومي ۽ داخلي سلامتي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به موجود هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔